حسين اصغر کي قرضن بابت جاچ ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر کي ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  وزيراعظم عمران خان بجيٽ کانپوءِ قوم کي خطاب ۾ 10 سالن دوران اڳوڻي حڪومتن لاءِ قرضن جي جاچ لاءِ ڪميشن بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو جيڪا قرضن جي استعمال ۽ ڪرپشن جي جاچ ڪندي.  ذريعن موجب نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر کي ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حسين اصغر اڳوڻو پوليس آفيسر آهي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن پنجاب سميت ايف آءِ اي ۾ به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *