سنجراڻي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ، مخالف ڌر سنيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو : عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته مخالف ڌر سنيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو، اڱاري تي وزيراعظم عمران خان سان سنيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي جنهن ۾ پرويز خٽڪ، شبلي فراز ۽ سينيٽر اورنگزيب خان به شامل هو، ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اپوزيشن پاران سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ويندي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ايوان کي قانون موجب ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلائي رهيو آهيان، ميمبر سڀ هڪجهڙا آهن، ڪو فيوريٽ نه آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن بلوچستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سان عبدالرزاق دائود به ملاقات ڪئي جنهن ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم سان ڊاڪٽر فردوس اعواڻ به ڌار ملاقات ڪئي،وزيراعظم عمران خان سان ماحوليات جي صلاحڪار ملڪ امين اسلم به ملاقات ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *