قومي اقتصادي قائونسل ترقياتي بجيٽ 1837 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال لاءِ جي ڊي پي گروٿ ريٽ 4 سيڪڙو ۽ وفاق توڙي صوبن لاءِ ترقياتي بجيٽ 1837 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 12هين 5 ورهين جي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي. ڪائونسل زراعت جي شعبي ۾ ترقي جي شرح ساڍا 3 سيڪڙو، صنعت ۾ 2.2 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي ۾ 4.8 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس جي پڌرائيءَ موجب وزيراعظم جو چوڻ هو جڏهن حڪومت ملي ته پاڪستان ملڪي تاريخ جي شديد معاشي بحران جو شڪار هو ۽ اسان جون سموريون ڪوششون ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ هو، اسان اهي ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪي اڳ ۾ ڪرڻ گهرجن ها. عمران خان صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ فاٽا لاءِ حصو ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو ته معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *