بلاول جي نيب ۾ پيشي، پوليس ۽ جيالن ۾ چڪريون، واٽر ڪينن جو استعمال، لٺبازي،  ڪيترائي گرفتار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيب هيڊڪوارٽر ۾ بيان ريڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ روانو ٿي ويو جڏهن ته پارٽي قائد سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ايندڙ جيالن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون به ٿيون جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي جيالن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب طرفان بلاول ڀٽو زرداري کي اڄ جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو هو جنهن جي نيب هيڊ ڪوارٽر آمد کان اڳ ئي ڪارڪنن جو وڏو انگ اتي پهچي ويو، ان موقعي تي جيالن احتجاج ڪيو. نيب هيڊ ڪوارٽر پهچڻ جي ڪجهه دير کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري روانو ٿي ويو ۽ ان دوران اسلام آباد جي مختلف هنڌن تي پوليس ۽ پ پ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون جاري رهيون. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري کي نيب طرفان سوالنامو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ 32 سوالن جا جواب گهريا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين کان زرداري گروپ آف ڪمپنيز جي اڪائونٽن جي حوالي سان سوال ڪيا ويا آهن ۽ کيس 12 جون تائين انهن سوالن جا جواب ڏيڻا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان نيب جي جاچ بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو نيب ۾ مختصر انٽرويو ٿيو، پ پ چيئرمين جو ڪميٽي جي مالي انتظامي معاملن سان ڪو به واسطو نه هو، بلاول ڀٽو کي نيب طرفان هڪ سوال نامو ڏنو ويو آهي، سوال نامي جا جواب وڪيل جي صلاح مشوري سان جمع ڪرايا ويندا. پوليس طرفان نادرا هيڊ ڪوارٽر کي خاردار تارون ۽ رڪاوٽون هڻي لڳائي بند ڪيو ويو جڏهن ته ايوب چوڪ تي ڪارڪنن کي اڳتي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي. ڊي چوڪ وٽ جيالا ۽ پوليس هٿين پئجي ويا جن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو به استعمال ڪيو ويو. پوليس جو سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ تي ڊي چوڪ تان پ پ جي عورتن ڪارڪن سميت ٽن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ضلعي انتظاميا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيپلز پارٽي جي قيادت جي نيب ۾ پيشي جي تي ٻين شهرن کان اسلام آباد ايندڙ ڪارڪنن جي داخلا سان حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون تنهنڪري کين روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڪجهه دير کان پوءِ نيب جي روبرو پيش ٿيندو جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري رات دير سان نيب ۾ پيشي کان هڪ ڀيرو وري معذرت ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب آصف زرداري گذريل حاضري تي به مصروفيت سبب پيش نه ٿي سگهيو هو، نيب جي گڏيل جاچ ٽيم آصف زرداري جي غير حاضري بابت اڄ فيصلو ڪندي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس پارٽي جي ڪارڪنن ٿي ٿيندڙ لٺبازي ۾ گهرو وزير اعجاز شاهه جو طريقيڪار نظر اچي رهيو آهي ۽ سندس طريقيڪار واپس اچي رهيا آهن. جڏهن ته وزيراعظم مخالفن خلاف رياست کي استعمال ڪري رهيو آهي. زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قانون ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته ڪنهن به پارٽي جا ڪارڪن پارٽي اڳواڻن سان گڏ پرامن طريقي سان نٿا وڃي سگهن . بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هن پارٽي ڪارڪنن کي مظاهري جو سڏ نه ڏنو هو، جڏهن کين اها خبر پئي ته قومي احتساب بيورو وڃي رهيو آهيان ته هو پاڻ ايڪي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهتا. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي هر اداري تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته حڪومت پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ اهڙا ڪم ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته تبديلي جي نالي تي ماڻهن کي ڌوڪو ڏنو ويو جڏهن ته ملڪ ۾ ماڻهن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. پ پ چيئرمين ڀٽو زرداري وزيراعظم پنهنجن سياسي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ رياست جو استعمال ڪري رهيو آهي. پنهنجي نيب پيشي بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته مون کان اهڙي ڪمپني بابت سوال ڪيا پيا وڃن جيڪا ان وقت وجود ۾ آئي جڏهن آئون هڪ ننڍڙو ٻار هئس ۽ اسڪول ويندو هئس. هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان چئون پيا ته نيب قانون هڪ ڪارو قانون آهي. پنهنجي خلاف ڪيسن بابت ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته اسان ٻٽو نظام برداشت ڪري رهيا آهيون، اسان ڪيسن ۾ پهريان به سرخرو ٿيا هئاسين ۽ اڳتي به ٿينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت هن ملڪ ڪو به بيورڪريٽ ۽ بزنس مين ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ڇاڪاڻ جو هنن ڏٺو آهي ته لاهور جي ڊاڪٽرز ۽ اسپتال هلائڻ وارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو . اسلام آباد ۾ عورت ڪارڪنن جي گرفتاري جي مذمت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن سان روزي ۾ اهڙو سلوڪ ڪيو ويو، ڇا هيءَ مديني جي رياست آهي؟ هن چيو ته اسان پنهنجي جيالن جي گرفتاري ۽ هنگامي جون ويڊيو گهرائي رهيا آهيون ۽ انهن کي ڏسڻ کان پوءِ قانوني ڪارروائي تي غور ويچار ڪيو ويندو. نيب چيئرمين جاويد اقبال جي انٽرويو بابت هڪ ڪالم تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نيب چيئرمين جيئن چيو ته نيب حڪومت ڪيرائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي ته ان بيان جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ئي وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار جي چئنل تان نيب چيئرمين جي ذاتي ويڊيو جاري ڪئي وئي. سياسي نعرا بينظير جي حڪومتي دور ۾ به لڳندا رهيا، هن چيو ته هن سڄي صورتحال ۾ سازش نظر اچي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ به پيپلز پارٽي جي ريلين ۾ به نعرا لڳندا هئا ته ” هيءَ جا دهشتگردي آ ان جي پويان وردي آ“ پر اڳوڻي وزيراعظم سدائين هدايت ڪئي ته اهڙا نعرا نه هنيا وڃن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فوجي چيڪ پوسٽ تي حملي جي الزام ۾ گرفتار ايم اين اي علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان قانون مطابق هلي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جهڙي نموني جهموريت تي حملا ٿي رهيا آهن، جنهن طريقي سان انساني حقن تي حملا ٿي رهيا آهن ته ان صورتحال ۾ هر سياسي پارٽي ۽ هر پاڪستاني جو حق آهي ته هو ٻاهر نڪري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواٽ ئي عيد کان پوءِ روڊن تي نڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير جي گرفتاري بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ ايم اين اي علي وزير جا ترت پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن ته جيئن هو جمعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ اچي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي ۽ قوم کي خبر پئي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته قومي اسيمبلي کي وضاحت ڪرڻي پوندي ته ڪهڙي قانون تحت قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر کي بنا اطلاع جي گرفتار ڪيو ويو .  هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي ٻن ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏي آهي تنهنڪري ايوان بابت نه ڳالهائيندس، جيستائين تحريري طور پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بابت لکڻ جو تعلق آهي ته اسان اهو ڪم ڪري سگهون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو هڪ قومي اسيمبلي جو ميمبر مسنگ آهي ۽ هڪ گرفتار آهي، وزيراعظم ۽ خيبر پختونخوا جو وڏو وزير ان معاملي تي ڇو چپ آهن؟  کين قوم کي ٻڌائڻ گهرجي ته اتر وزيرستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جڏهن ته جهموريت سمجهوتو ڪيو ته ملڪ کي نقصان پهتو، اسان جي دعا آهي ته پاڪستان هڪ وفاق جي صورت ۾ قيامت تائين قائم دائم رهي ۽ جيستائين جهموريت رهندي تيستائين هن ملڪ کي ڪو به خطرو نه هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *