نيب کي آغا سراج دراني خلاف 11 جون تائين ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف 11 جون تائين ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسيپڪر آغا سراج دراني، سندس ڀاءَ مسيح الدين ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. نيب جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته نيب چيئرمين آغا سراج دراني ۽ ٻين جوابدار خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، جوابدار خلاف سڀاڻي احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو. نيب آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، جوابدار جي 35 گاڏين ۽ ڪروڙين رپين جي ملڪيت جو پتو لڳائي ورتو آهي، جوابدار اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، غيرقانوني ڀرتيون ۽ ڪرپشن ڪئي، آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهي جنهن جا اهم ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن. ٻڌڻي دوران آغا سراج دراني جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته منهنجو اصيل جيل ۾ آهي سندس ضمانت جي درخواست ٻڌي وڃي، ان تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته هنيئر تائين مواد سامهون ئي ناهي آيو ته ٻڌڻي ڪيئن ڪريون، ڇا ٻڌنداسين ۽ فيصلو ڪهڙي بنياد تي ڪنداسين؟ ريفرنس داخل ٿي وڃي ته پوءِ ضمانت واري درخواست به ٻڌي وٺنداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي يارنهن جون تائين ريفرنس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو واضح رهي ته نيب پ پ اڳواڻ آغا سراج دراني کي ويهه فيبروري تي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *