قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن جي ميمبرز پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سخت احتجاج، واڪ آئوٽ

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن جي ميمبرز اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سخت احتجاج ڪرڻ بعد واڪ آئوٽ ڪيو ،  اڳواڻن چيو آهي ته لوڊشيڊنگ حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب ايترو جانيون ضايع ٿيڻ حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن  ۾ ڪراچي ۾ گرمي سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي اپوزيشن جي ميمبرز سخت احتجاج ڪيو. جماعت اسلامي جا ميمبر لوڊشيڊنگ بند ڪريو جا بينر کڻي اسيمبلي جي چيمبر آڏو بيهي رهيا. پ پ ايم اين اي شازيه مري چيو ته حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد دعويٰ ڪئي هئي ته 6 مهينن اندر لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي پر 3 سال گذرڻ وارا آهن، لوڊشيڊنگ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. شازيه مري چيو ته رمضان مبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به سحري ۽ افطار دوران به بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چـُري. شاهه محمود قريشي چيو ته گرمي سبب 150 کان وڌيڪ ڪراچي ۾ جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، کيس فون اچي رهيا آهن ته ٿر پارڪر ۾ 16 جون کان بجلي بند آهي، ڏڪار سٽيل علائقن ۾ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، جتي اڳ ئي ماڻهو پاڻي ڍڪ لاءِ ترسي رهيا آهن. جماعت اسلامي جي ميمبر طار الله چيو ته مالاڪنڊ ۾ 22 ڪلاڪن کان بجلي بند آهي، حڪومت قبائلي علائقن سان زيادتيون بند ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *