ڪراچي ۾ قهر جي گرميءَ سبب 200 کان جانيون ضايع ٿيون آهن پر حڪومت ايوان ۾ وضاحت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته سڄي ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ قهر جي گرميءَ سبب 200 کان جانيون ضايع ٿيون آهن پر حڪومت ايوان ۾ وضاحت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، چيو وڃي ٿو ته وزير موجود ناهي. خورشيد شاهه چيو ته بدترين لوڊشيڊنگ حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، بجلي جي اڻ اعلانيل بندش اپوزيشن کي متحد ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت جي نااهلي سبب پهريون ڀيرو ايتريونجانيون ضايع ٿيون آهن، حڪومت ٻن سالن دوران لوڊشيڊنگ جي خاتمي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي، سرڪلر ڊيٽ وڌي ويو آهي پر حڪومت جي ترجيحن ۾ ڪجهه ميگا پراجيڪٽ آهن، عوام حڪومتي ترجيحن ۾ شامل ئي ناهي. ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن دوران ڏيڍ سئو کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون آهن، حڪومتي اعلانن باوجود لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *