آصف زرداري جو وزيراعظم کي خط، سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم نوازشريف کي خط لکيو آهي جنهن ۾ سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. آصف زرداري پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته بدترين گرمي ۾ سنڌ ۾ 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سان رمضان المبارڪ مماڻهن ۾ ڏکيائيون وڌي رهيون آهن وزيراعظم صوبي ۾ ٿيندڙ بدترين لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ وفاق کي بجلي جي بلن جي مد ۾ 2.4 ارب روپيا ادا ڪري چڪي آهي پر انهيءَ جي باوجود وفاق پاران صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل نه ٿيو آهي جڏهن ته مئي ۾ وزيراعظم سان ملاقات دوران به لوڊشيڊنگ جو مسئلو کنيو ويو هو. آصف زرداري پاران موڪليل خط ۾ وزيراعظم جي توجه نئون ديرو ۽ دادو جي ننڍن پاور پلانٽس جي ٽيرف جو مسئلو به ياد ڏياريو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *