قومي اتفاق راءِ لاءِ پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي رٿ واپس ورتي وڃي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تي زور ڀريو آهي ته قومي اتفاق راءِ لاءِ تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي رٿ واپس ورتي وڃي، هـُو جمهوري عمل کي بهتر انداز ۾ اڳتي کڻي وڃڻ چاهين ٿا. وزيراعظم نواز شريف سان پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ جــَي يــُو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ خاص طور پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان، وزيراعظم کي تحريڪ انصاف جي ميمبرن ڊي سيٽ ڪرڻ بابت پارٽي ۾ ٿيل صلاح مشورن کان آگاهه ڪيو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته آئين تحت پي ٽي آءِ ميمبرن جي رڪنيت ختم ٿي چڪي آهي، معاملي جو آئين تحت ئي حل ڳوليو وڃي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته هـُو ملڪي مفاد ۾ سمورين سياسي جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهين ٿا تنهن ڪري قومي اتفاق راءِ لاءِ پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت رٿ واپس ورتي وڃي. ياد رهي ته جــَي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم طرفان قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي نااهل قرار ڏرڻ لاءِ رٿون جمع ڪرايون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *