اڄ ڪراچي پرامن شهر آهي مستقبل ۾ به رهندو: پرويز رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ڪراچي جون حالتون بهتري طرف گامزن آهن ۽ شهر قائد ۽ پاڪستان جون رونقون هاڻي مستقل طور تي قائم رهنديون، اڄ ڪراچي پرامن شهر آهي، ڪراچي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ان تي اسان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پهرين دهشتگردن جي حملن جون خبرون هلنديون هيون هاڻي انهن خلاف ڪارروائي جون خبرون هلن ٿيون، ڪراچي ۾ واپاري سرگرميون بحال ٿي رهيون آهن، پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرائڻ نواز شريف حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان وڌيڪ محفوظ ۽ پرامن ملڪ هوندو جنهن ۾ ماڻهن کي نه رڳو ترقي ۽ خوشحالي جا بهتر موقعا ملندا پر ڪم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول به دستياب هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن هتي سپريم ڪورٽ رجسٽري ڪراچي ۾ عدالتي ڪميشن جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن جي قربانين جي ڪري شهر ۾ امن قائم ٿيو آهي ۽ رونقون بحال ٿيون آهن، عيد تي به ماڻهو گهرن مان نڪتا ۽ ڪراچي ۾ معاشي سرگرميون عروج تي رهيون، ڪراچي جون تفريح گاهون ٻيهر رونقگاهون بڻجي ويون آهن، جيڪو ڪراچي ۽ پاڪستان جي لاءِ سٺو سنئوڻ آهي جنهن تي ڪراچي جي ماڻهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پرويز رشيد چيو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ اڄ آئون توهان سان بنا خوف جي رستي تي بيٺو آهيان. هن چيو ته اسان ماضي جون ڪراچي جون رونقون بحال ڪنداسين، ڪراچي ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ماڻهن کان رونقون ڦريون ويون پر هاڻي ٻيهر بحال ٿي ويون آهن ۽ هاڻي اهي رونقون مستقل رهنديون. هن چيو ته پهرين روزانو دهشتگردن جي حملن جي خبر ٻڌندا هئاسين پر هاڻي آپريشن ضرب عضب ۾ اسان جي پاڪ فوج، رينجرز، پوليس، انٽيليجنس ادارن گڏجي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، ان جو ثمر مليو آهي جنهن جي ڪري اڄ پاڪستان پرامن ملڪ آهي. هن چيو ته هاڻي اسان جون عبادتگاهون، اسڪول ۽ پارڪ محفوظ آهن، ايم ڪيو ايم جي خدشن جي حوالي سان هڪ سوال تي پرويز رشيد چيو ته ڪراچي ۾ صوبائي حڪومت موجود آهي، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه موجود آهي، ڪراچي ۾ آپريشن جي حوالي سان هڪ ايپيڪس ڪميٽي آهي جنهن ۾ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا موجود آهن جيڪي ڏوهارين خلاف گڏجي ويهي فيصلا ڪن ٿا. اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري پاران نئين پارٽي ٺاهڻ جي حوالي سان هڪ سوال تي پرويز رشيد چيو ته پاڪستان جي هر شهري کي اهو حق آهي ته هو پارٽي ٺاهي، کيس پنهنجي پارٽي ٺاهڻ جي خواهش آهي ته ان کي بڻائڻ گهرجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي استعيفائن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ۽ مولانا فضل الرحمان جي موقف ۽ حڪومت پاران ڪارروائي نه ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل سوال تي پرويز رشيد چيو ته تحريڪ انصاف سان هڪ لکت ۾ معاهدو ٿيو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن فيصلو حڪومت خلاف ايندو ته اها تسليم ڪندي ۽ جيڪڏهن اهو تحريڪ انصاف خلاف آيو ته هو پنهنجا سمورا الزام واپس وٺندي، ان معاهدي تي سموريون پارٽيون متفق هيون جنهن تحت پاڪستان تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا ايم ڪيو ايم ۽ مولانا فضل الرحمان کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *