آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٻوڏ متاثرن ۾ هڪ ڏينهن جي کاڌ خوراڪ ورهائڻ جو اعلان

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٻوڏ متاثرن ۾ هڪ ڏينهن جي کاڌ خوراڪ ورهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته رليف آپريشن ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ صورتحال جي حوالي سان اجلاس ٿيو. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس دوران آرمي چيف جنرل راحيل ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هڪ ڏينهن جي کاڌ خوراڪ ورهائڻ جو اعلان ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران وڌيڪ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف ريسڪيو آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رليف آپريشن ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *