قنديل بلوچ قتل ڪيس: عدالت جو لکت ۾ فيصلو جاري

ڪراچي (شوبز نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ قنديل بلوچ قتل ڪيس جي مک جوابدار کي بري ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلوجاري ڪري ڇڏيو عدالت جي لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ قنديل بلوچ جي پيءُ سان جوابدار وسيم جي ڪيس ۾ ٺاهه تسليم ڪئي، پر غيرت جي نالي تي قتل جي الزام هيٺ ٺاهه کي رد ڪندي کيس عمر قيد جي سزا ڏني وئي عدالتي فيصلي ۾ چيو وي ته جوابدار پنهنجي اعترافي بيان ۾ قتل جو اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي ڀيڻ کي تصويرن ۽ وڊيوز جي بنياد تي قتل ڪيو، پر جوابدار جي بيان تي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته اهو غيرت جي نالي تي قتل هو لکت واري فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وسيم جي اعترافي بيان ۾ ڪجهه قانوني خاميون هيون، جنهن سبب سندس بيان ڪاغذ جي ٽڪري کان وڌيڪ ناهي واضح رهي ته ماڊل گرل قنديل بلوچ کي 15 جولاءِ 2016 تي مظفر آباد ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو، قنديل جو لاش گهر مان هٿ آيو هو، جنهن بعد سندس ڀاءُ محمد وسيم کي گرفتار ڪيو ويو هو، جوابدار کي 27 سيپٽمبر 2019 تي ملتان جي ماڊل ڪورٽ کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي قنديل بلوچ جي پيءُ عظيم عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسان پنهنجي پٽن کي الله جي واسطي معاف ڪيو آهي ان ڪري عدالت به کيس معاف ڪري

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *