جوابدار ڀائرن کي سنڌ حڪومت جي سپورٽ حاصل آهي: ام رباب، ام رباب وارا الزام تراشيون پيا ڪن : سردار چانڊيو

دادو (م.ڊ) ام رباب چانڊيو چيو آهي ته لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ پراسيڪيوٽر اسان فريادي ڌر بجاءِ جوابدارن جي ڌر ٿيو آهي جنهن مان ثابت ٿيو ته جوابدارن ڀائرن کي سنڌ حڪومت جي سپورٽ آهي، پراسيڪيوٽر جنرل کي نوٽيس وٺي پراسيڪيوٽر خلاف ڪاروائي ڪري، دادو جي عدالت ۾ ام رباب جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ام رباب ۽ سردار چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت مختصر ٻڌڻي ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته سردار چانڊيو وارا اسان جي خاندان تي ڀلي الزام هڻن پر برهان چانڊيو پي جي وفات وقت پنهنجي چاچي تي تشدد ڪيو ۽ ان جي تذليل ڪئي، هن چيو ته اسان جيڪڏهن سردار چانڊيو وارن جي خاندان بابت الزام سامهون آندا ته اهي سردار ڪنهن به منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهندا، مفرور سردار ڪيترا مڙس ماڻهو آهن ان جو اندازو سندن ڀڄڻ مان واضح ٿئي ٿو, ٻئي پاسي پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو چيوآهي ته اسان ڪيس کي منهن ڏيون پيا ۽ هر حاضري تي پيش ٿيون ٿا، دادو جي عدالت ۾ ام رباب جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ام رباب ۽ سردار چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ام رباب وارا الزام تراشيون پيا ڪن پر اسان ان تي نه ڳالهائينداسين

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *