رضوان ۽ روسو ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز جي بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي ۽ ان ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 117 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ اٺين ڪاميابي ماڻي ورتي.لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايونٽ جي 25هين ميچ ۾ ملتان سلطانز ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.ملتان طرفان ڪپتان محمد رضوان ۽ شان مسعود اننگز جي شروعات ڪئي ۽ ٻنهي پنهنجي ٽيم کي 119 رنسن جو شاندار اسٽارٽ فراهم ڪيو.شان مسعود 38 بالن تي 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ رائلي روسو بيٽنگ تي آيو ۽ بالرن جون وايون بتال ڪندي رڳو 26 بالن تي 71 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي پويلين موٽيو، سندس اننگز ۾ 4 ڇڪا ۽ 9 چوڪا شامل هئا.ملتان سلطانز جو ڪپتان محمد رضوان 3 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 54 بالن تي 83 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو، ملتان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون.جواب ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم 15.5 اوورن ۾ 128 رنسن تي ڍير ٿي وئي، عمر اڪمل 50 ۽ جيسن راءِ 38 رنسن سان اڳڀرا رهيا.ملتان طرفان آصف آفريدي، ڊيوڊ ويلي، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ خوشدل شاهه 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.واضح رهي ته ملتان جي ٽيم رنسن جي لحاظ سان اها پي ايس ايل جي سڀ کان وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان کان اڳ به ملتان ئي ڪوئيٽا کي 110 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *