قريشي کي مريدن کي ديدار ڪرائڻ ۽ چندي لاءِ موڪليو ويو آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته وڏو مارچ هڪ ئي پيو ٿئي، ٻيو جوڪر مارچ آهي، اسان جي مارچ سبب ئي وزيراعظم پيٽرول سستو ڪيو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته پ پ جي مارچ ۾ سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پيٽرول جا اگهه گهٽ ڪري ايل اين جي جا اگهه وڌايا ويا آهن، جيستائين عمران خان موجود آهي ملڪي معيشت بهتر نٿي ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو جي سياسي دٻاءَ سبب اگهه گهٽ ٿيا آهن پر اصل مسئلو عمران خان آهي، ان کي نه هٽائينداسين ته قيمتون گهٽ نه ٿينديون. سعيد غني وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي کي مريدن کي ديدار ڪرائڻ ۽ چندي لاءِ موڪليو آهي، ناڪام پرڏيهي وزير کي پ پ جي مارچ کي ڊسٽرب ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *