پيڪا آرڊيننس: لڳي ٿو ته ڪنهن به وزيراعظم کي صحيح طرح سان ناهي ٻڌايو: چيف جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهرمن الله پيڪا آرڊيننس خلاف درخواست جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا ته ساک کي نقصان پهچائڻ جو قانون پيڪا کان الڳ به موجود آهي ۽ ائين لڳي ٿو ته وزيراعظم جي ڪنهن درست مدد نه ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) ترميمي آرڊيننس خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي صدر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته هتي ته قانون لاڳو ئي ناقدن خلاف ڪيو ويندو آهي، وزيراعظم ڪالهه جيڪا تقرير ڪئي، لڳي ٿو ته کيس ڪنهن صحيح طور نه ٻڌايو هو، ساک کي نقصان پهچائڻ جو قانون پيڪا کان الڳ به موجود آهي، ائين لڳي ٿو ته وزيراعظم جي ڪنهن درست مدد نه ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ان پٽيشن ۾ اڳ کان داخل پٽيشنز کان 2 مختلف نڪتا آهن، ايف آءِ اي وٽ اختيار ناهي ته اها ٻن پرائيويٽ پارٽيز ۾ مسئلي کي ڏسي، ايف آءِ اي رڳو اهي ڪيس ڏسي سگهي ٿي، جن جو وفاقي حڪومت سان واسطو هجي. چيف جسٽس چيو ته وفاقي جاچ ايجنسي يقيني بڻائي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ۾ ڪا ڪارروائي نه ٿئي. عدالت پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي صدر جي درخواست تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت درخواست کي پيڪا آرڊيننس خلاف ٻين درخواستن سان گڏائڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڌيڪ ٻڌڻي 10 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *