بلاول ڀٽو کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو آهي ته ملڪ جو عوام بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي اسان بلاول ڀٽو کي هن ملڪ جو وزيراعظم بڻائينداسين مورو ۾ پيپلزپارٽي جي عوامي مارچ کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته مارچ جو اثر ڏسو ته پيٽرول ۽ بجليجي قيمت گهٽجي وئي هن چيو ته هي سولائي سان نه ويندا بلاول ڀٽو نيازي کي اسلام آباد مان کڻي ٻاهر ڦٽو ڪندو مرادعلي شاهه چيو ته عمران جن کي سرٽيفڪيٽ نه ڏنو انهن کي سنڌ ۾ گٿي زبان لاءِ اماڻي ڇڏيو آهي واضح رهي ته پ پ جي عوامي لانگ مارچ جو اڱاري تي ٽيون ڏينهن هو لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن رات مورو ۾ گذاري مارچ کي مرادعلي شاهه، خورشيد شاهه، ناصر شاهه سميت ٻيا اڳواڻ به خطاب ڪندا مختلف شهرن مان ٿيندو عوامي مارچ سکر ۾ ترسندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *