” اها آهي تبديلي جيالا ڦاهين کان نه ڊنا ته پاڻي کان ڇا ڊڄندا”: بختاور/ آصفه

ڪراچي (اين اين آءِ) بختاور ۽ آصف ڀٽو جيالن تي پوليس پاران ڪيل تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇا حڪومت پنهنجن ئي شهرين خلاف جنگ جو طبل وڄائي ڇڏيو آهي، تفصيل موجب سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ بختاور ڀٽو چيو ته منهنجي سڄي خاندان جو ٽرائيل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عمرا خان ۽ سندس ڀيڻ کي اين آر او ڏنو ويو آهي، ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بلاول پاران نيب ۾ پيش ٿيڻ تي پوليس، رينجرز ۽ قيدين جي وين موجود آهي، ڇا حڪومت پنهنجن ئي شهرين خلاف جنگ جو طبل وڄائي ڇڏيو آهي، بلاول ڀٽو جي ڀيڻ ٽوئيٽر ۾ چيو ته آصف زرداري به عدالت ڏانهن روانو ٿي ويو آهي، ان سان گڏ لکيو ته ڊڄن ٿا تبديلي وارا، هن چيو ته پ پ ورڪرز کي ماريو ويو، گرفتار ڪيو ويو، ورڪز جي خلاف ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال وي ويو، ڊڪٽيٽرشپ کانپوءِ رٿابندي تحت رياستي تشدد ناهي ڏٺو ويو، بختاور چيو ته هي سڀ اسلام آباد ۾ پرامن شهرين خلاف ٿيو، ڪارڪنن تي تشدد شرم جوڳو ۽ غير قانوني آهي، ٻئي پاسي آصفه ڀٽو به ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جي استعمال تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته واٽر ڪينن سان نيب جو ڪارو قانون صاف نٿو ٿي سگهي، واٽر ڪينن بي گناهن تي استعمال ڪيو پيو وڃي، جيالا ڪوڙن ۽ ڦاهين کان نه ڊڳا ته پاڻي کان ڇا ڊڄندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *