في الحال ڪنهن کي نه هٽائيندس ،نئين انتظاميا ضرور آڻينداسين :احسان ماني

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته هڪ مهيني ۾ ورلڊ ڪپ کيڏندڙ ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي تڪڙ ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ بدران شارٽ ٽرم انتظاميا تحت نئين انتظاميا آڻي سگهجي ٿي.خانگي خابرو اداري سان ڳالهائيندي احسان ماني چيو ته تبديلي اڻٽر آهي ته جيئن پاڪستان ٽيم ۾ بهتري آندي ويندي،سوچ ويچار بعد اهڙي ٽيم انتظاميا کي آندو ويندو جيڪي 3 کان ي سالن تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جون واڳون سنڀالي. هن چيو ته ڪنهن عهدي تي تبديلي يا مقرري تڪڙ ۾ نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي ويندي.پي سي بي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ پروفيشنل ماڻهو آڻينداسين، ورلڊ ڪپ جي آخري 4 ميچز ۾ پاڪستان ٽيم جنهن ريت واپسي ڪئي، ان جي جيتري واکاڻ ڪجي اها گهٽ آهي، پر ويسٽ انڊيز خلاف شروعاتي ميچ ۾ شڪست بعد پاڪستان پاڻ سنڀالي نه سگهي، جنهن جو نقصان ٿيو.احسان ماني چيو ته پي سي بي چيئرمين جو عهدو گذريل سيٽپمبر ۾ سنڀاليو هو، ان کان اڳ پاڪستان ٽيم ۾ سموريون مقرريون ٿي چڪيون هيون، نيوزيلينڊ، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ايونٽ اڳ ئي طئه هئا، ان وقت جيڪڏهن ڪا تبديلي ڪجي ها ته غلط تاثر وڃي ها.هن چيو ته آءِ سي سي سان گڏجاڻي بعد ڏيهه پهچي سمورا معامله ڏسندس، ورلڊ ڪپ سميت 3 سالن دوران ڪوچز ۽ سليڪشن ڪاميٽي جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺنداسين، ڪرڪيٽ ڪاميٽي فيصلو ڪندي ته 3 سالن ۾ اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو. احسان ماني چيو ته جذباتي فصيلا نه ڪنداسين، ڪنهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ اهو تاثر نه ڏينداسين ته انتقامي اڪرروائي تحت تبديل ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ نه ٿيڻ سياسي معاملو آهي. هن وقت ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب آهن ۽ ڪرڪيٽ سيريز نه ٿيڻ جو به سبب سياسي مداخلت آهي.واضح رهي ته مڪي آرٿر منيجر طلعت علي، ڪوچنگ اسٽاف ۽ سليڪشن ڪاميٽي جي عهدن جو مدو ورلڊ ڪپ سان ئي پڄاڻي تي پهتو، مڪي آرٿر پي سي بي چيئرمين سان ملاقات ڪري معاهدو وڌائڻ جي پڻ خواهش ظاهر ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *