ڀارت کي شڪست ، نيوزيلينڊ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

 

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي ٽيم ورلڊ ڪپ 2019 جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارت کي سخت مقابلي کانپوءِ 19 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.مانچسٽر ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم  ڪالهه برسات سبب متاثر ٿيل پنهنجي اننگز اڄ پوري ڪئي ۽ ڀارت کي ڪاميابي لاءِ 240 رنسن جو هدف ڏنو.ڪيويز طرفان روز ٽيلر 74 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن 67 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، ٻين رانديگرن ۾ نڪولس 28، ڪولن ڊي گرينڊ هوم 16، نيشم 12، ٽام ليٿم 10، مچل سينٽنر 9 رنسون ٺاهي سگهيو.ڀارت طرفان ڀونيشور ڪمار 3، جڏهن ته جسپريت بمرا، هرديڪ پانڊيا، رويندرا جديجا ۽ يزويندرا چاهل هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.هدف جو پيڇو ڪندي ڀارتي ٽيم 49.3 اوورن ۾ 221 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.ڀارتي ٽاپ آرڊر جي ناڪامي ۽ رڳو 92 رنسن تي 6 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ رويندرا جديجا اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني سان گڏجي ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ڀارتي آل رائونڊر 59 بالن تي 77 رنسن جي اننگز کيڏي همت هارائي ويٺو، جنهن کانپوءِ ڌوني به 50 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو.هرديڪ پانڊيا 32 ۽ رشاڀ پنت 32-32 رنسون ٺاهيون، ٻين رانديگرن مان ڪو ڊبل فگر ۾ ئي نه پهچي سگهيو.نيوزيلينڊ طرفان ميٽ هينري 3، ٽرينٽ بولٽ ۽ مچل سينٽنر 2-2، جڏهن ته لوڪي فرگيوسن ۽ نيشم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *