ڪنهن به سزا يافته شخص جي انٽرويو جي اجازت نه هجڻ گهرجي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان عدالتن مان سزا ماڻيندڙ ماڻهن جي ٽي وي انٽرويوز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به سزا يافتا شخص جي انٽرويو جي اجازت نه هجڻ گهرجي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 12 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي دور ۾ خرچن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ عمران خان کي ٻڌايو ويو ته نواز شريف جي دور ۾ پرڏيهي دورن تي 1421.5 ملين، جڏهن ته آصف زرداري جي دور ۾ 183.5 ملين رپيا خرچ ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سزا يافتا ماڻهن جي ٽي وي انٽرويوز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهڙا انٽرويو نشر ڪرڻ خلاف پيمرا سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به سزا يافتا شخص جي انٽرويو جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اڳوڻا حڪمران قومي ناڻي تي دورا ڪندا رهيا، ملڪ ۽ قوم کي انهن پرڏيهي دورن سان ڇا حاصل ٿيو؟ اڳوڻن دورن ۾ اڏايل دولت جي هڪ هڪ پئسي جو حساب ورتو ويندو. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته وزير اعظم نواز شريف پنهنجي 4 سالن جي دور ۾ 1 ارب  84 ڪروڙ رپيا پرڏيهي دورن تي خرچ ڪيا جڏهن ته آصف علي زرداري صدر طو 1 ارب 42 ڪروڙ رپين جا 134 دورا ڪيا. ڪابينا اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ گذريل ٻن دورن جي 10 سالن جو ملڪي قرض 6 هزار ارب کان وڌي 30 هزار اربن تائين پهچڻ وارو معاملو بحث هيٺ آيو، جڏهن ملڪي قرض وڌي رهيا هئا ته حڪمرانن جي شاهي خرچن جو ٻڌي لِڱَ ڪانڊارجي ويندا آهن. تعليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ 134 پرڏيهي دورا ڪيا، انهن دورن تي 1 ارب 42 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا، هو گڏيل طور تي 257 ڏينهن ملڪ کان ٻاهر رهيو ۽ ان دوران هن جي هوٽل ۾ قيام تي 55 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا، آصف زرداري 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي پاڻ سان گڏ پرڏيهي دورن تي وٺي ويو. وفاقي وزير موجب آصف علي زرداري جا 48 دورا ذاتي نوعيت جا هئا، هن جا رڳو دبئي جا 51 دورا هئا جنهن تي 10 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا ۽ وڏي ڳالهه ته اِها آهي ته هڪ غريب ملڪ جي صدر آصف زرداري پنهنجي سمورن دوران دوران رڳو ٽپس جي مد ۾ 2 ڪروڙ خرچ ڪيا ۽ ساڍن 4 ڪروڙ رپين جا تحفا ماڻهن کي ڏنا. شفقت محمود ٻڌايو ته نواز شريف وزير اعظم طور 4 سالن ۾ هڪ ارب 84 ڪروڙ رپيا پرڏيهي دورن تي خرچ ڪيا، هو 262 ڏينهن ٻاهر رهيو هن لنڊن جا 24 دورا ڪيا جن تي 22 ڪروڙ 39 لک خرچ ٿيا، نواز شريف جا لنڊن جا 20 دورا ذاتي هئا جنهن تي سرڪاي خرچ ٿيو، هن سعودي عرب جا به 12 دورا ڪيا جنهن تي 24 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا پنهنجي دورن دوران نواز شريف 3 ڪروڙ رپين جو ٽپون ڏنيون، جڏهن ته 6 ڪروڙن جا تحفا پڻ ڏنا انهن خرچن ۾ پي آءِ اي جو جهاز استعمال ڪرڻ جو نقصان شامل ناهي نواز شريف جي جهاز لکڻ وڃڻ تي لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. شفقت محمود ٻڌايو ته گذريل دورن ۾ عجيب شيون ڏٺيون وزير هتان کان سواءِ ٻاهر به نوڪريون ڪري رهيا هئا، مسلم ليگ ن جو خواجا آصف بچاءَ وارو وزير، پرڏيهي وزير، پاڻي ۽ بجلي ۽ پيٽروليم جو وزير به رهيو، ۽ گڏوگڏ ئي هو پرڏيهي ڪمپني جو ملازم هو. خواجا آصف اقامي جي ذريعي هڪ ڪمپني کي ايڊوائزر شپ ڏئي رهيو هو ۽ ڪمپني کان 15 لک رپيا وٺي رهيو هو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته خواجا آصف وزير به هو ۽ پرڏيهي ڪمپني جو ايڊوائزر به هو، جاچ جي ضرورت آهي ته هو پرڏيهي ڪمپني جو ايذوائرز ڇو هو، جاچ جي ضرورت آهي ڪنهن جي ڪمپني ۽ ڪهڙي ملڪ جو ڪهڙو ملازم رهيو، حلف جي تحت ڪو وزير ائين نٿو ڪري سگهي، ايستائين جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن صدر بڻيو ته هو پنهنجي ڪمپني کان الڳ ٿي ويو، پر اسان جي مهوريت جو حال ڏسو. يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شاهد خاقان عباسي جي وزير اعظم طور پرڏيهي دورن جي تفصيل جلد پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *