فيصل واوڊا عمران صاحب جي حڪم ۽ هدايت تي ڪِريل حرڪت ڪئي، کيس ۽ سڄي ڪابينا کي شرم اچڻ گهرجي: ن ليگ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف پارٽي پ پ پ کان پوءِ مسلم ليگ ن به آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ته فيصل واوڊا عمران صاحب جي حڪم ۽ هدايت تي ڪِريل حرڪت ڪئي آهي، عمران صاحب ۽ سڄي ڪابينا کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته وزير اعظم خان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 24 ڪلاڪن کان پوءِ به فيصل واوڊا جي خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ عمران خان جي حڪم تي هن جي اِها ثابت ڪري ٿو. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران صاحب جي دٻاءَ تي فيصل واوڊا جي بنا نالي ملڪيت تي قومي احتساب بيورو جو ڪو به ايڪشن هن وقت تائين ناهي ٿيو حالانڪ اهڙي ماڻهن جو پارليمان ۽ ڪابينا ۾ هئڻ پاڪستان جي بدقمستي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *