آئي جي سنڌ جي تبديلي لاءِ سمورا قانوني تقاضا پورا ڪيا ويا آهن: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري کاتي جو صوبائي وزير سعيد غني نيو ڪراچي ۾ ڏوهارين جي فائرنگ سان شهيد ٿيڻ واري سنڌ پوليس جي جوان محمد عرفان جي گهر پهچي ان جي گهر ڀاتين سان ملاقات ۽ فاتحه خواني ڪئي ملاقات جي دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڊسٽرڪٽ سينٽرل جو صدر ظفر صديقي ۽ ٻيا ماڻهو به ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته امن وامان برقرار رکڻ لاءِ پوليس جي جوانن بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. شهيد عرفان جهڙي بهادر جوانن تي سموري قوم کي فخر آهي جنهن اسان جي جان ومال جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪئي ۽ شهيد ٿي ويو. صوبائي وزير سعيد غني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته شهيد عرفان جي شهادت ۾ ملوث ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته صوبي ۾ امن وامان جو قائم رهڻ اسان جي سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس اهڪارن جي قربانين جو ڪارڻ آهي ۽ انهن جي ڪري اسان پنهنجي گهرن ۾ محفوط آهيون.ٻئي پاسي صوبائي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آئي جي سنڌ جي تبديلي لاءِ سمورا قانوني ۽ اخلاقي تقاضا پورا ڪيا ويا آهن آئي جي کي هٽائڻ جو سبب ڏيڻ ضروري آهي سنڌ حڪومت ٺوس سبب فراهم ڪيا آهن هر صوبي لاءِ پيمان الگ الگ نه هجڻ کپي ڪنهن آفيسر جي ٽن سالن تائين هڪ هنڌ مقرري جي ڳالهه هجي ته اهو سڀني صوبن تي لاڳو ٿيڻ گهرجي اگر ڪي پي ڪي ۽ پنجاب کي اهو اختيار حاصل آهي ته ڪنهن به آفيسر کي بدلي ڪن ته سنڌ کي به اهو اختيار قانونن حاصل آهي ان لاءِ مخالف ڌر جو شور مچائڻ بنا جواز آهي صوبي جي بهتري لاءِ ڪنهن به آفيسر کي هٽايو وڃي ته مخالف ڌر ان سان گڏجي وڃي ٿي جيڪو سراسر غلط آهي. هڪٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر سان آئي جي جي مسئلي تي ڳالهه ڪري صوبائي وزير چيو ته مونکي خبر ناهي ته سنڌ جي گورنر کي آئي جي جي تبديلي جي حوالي سان گهرايو ويو آهي يا نه.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *