آزاد ڪشمير ۾ 18 ڪلاڪن کان برف هيٺان دٻيل نينگري جيئري نڪتي

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي علائقي مظفر آباد ۾ برفاني ڇت ۾ 18 ڪلاڪن کان ڦاٿل 12 سالن جي نينگري کي جيئرو ڪڍيو ويو. آزاد ڪشمير ۾ ٻه ڏينهن اڳ برفاني ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ 76 ٿي چڪو آهي جڏهن ته ڪيترائي زخمي به آهن ۽ گهرن کي به نقصان رسيو . 12 سالن جي ثمينه جو شمار انهن خوش قسمت ماڻهن ۾ ٿئي ٿو جيڪا برف جي ملبي هيٺان 18 ڪلاڪن تائين ڦاٿل رهڻ کان پوءِ جيئري رهي. ثمينه مظفر آباد جي هڪ اسپتال ۾ هن وقت علاج هيٺ آهي جتي هن ٻڌايو ته مون سوچيندي هيس ته آئون اُتي ئي مري وينديس ڇو ته ريسڪيو ٿيڻ جو انتظار ڪندي ڪندي آئون سمهي نه سگهي هيس، منهنجي ٽنگ ٽٽي پئي هئي ۽ وات مان رت اچي رهيو هو. ثمينه جي ماءُ شهناز بيبي پنهنجي ڌيءَ جي جيئري موٽڻ جي اميد ئي ڇڏي هئي ڇو ته هوءَ پهرين ئي هڪ پٽ ۽ ڌي کي وڃائي چڪي آهي پر ثمينه جو جيئرو بچي وڃي هن جي لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. ماءُ ٻڌايو ته برفاني ڇت ڪرڻ سبب ٽي منزل عمارت تباهه ٿي ۽ هي سڀ اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *