آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان جرمن سفير جي ملاقات، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي واکاڻ

راولپنڊي (اين اين آءِ)جرمن سفير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين جو اعتراف ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحقام لاءِ ان جي مسلسل ڪوششن جي تعريف ڪئي آهي آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف سان پاڪستان ۾ سرمني جي سفير ايناليپل جمعي تي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي جرمن جي سفير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جي تعريف ڪندي خطي ۾ استحڪام لاءِ ان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *