شپنگ ڪمپنين جي ڪوڙن دستاويزن تي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ انهن ذريعي مني لانڊرنگ جو انڪشاف

ڪراچي (اين اين آءِ) شپنگ ڪمپنين جي جعلي دستاويزن تي 70 کان وڌيڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ انهن ذريعي 15 کان 20 ارب رپيا مني لانڊرنگ جو انڪشاف ٿيو آهي ان حوالي سان ايف آءِ اي لاهور ۾ ڪارروائي ڪري 70 جي لڳ ڀڳ بنا نالي اڪائونٽ جو رڪارڊ ۽ شپنگ ڪمپنين جا جعلي ڪاغذ هٿ ڪري ورتا آهن ۽ انڪشاف ٿيو آهي ته انهن اڪائونٽس ذريعي 15 ارب کان وڌيڪ رقم ڊالر ۾ منتقل ڪري دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ مني لانڊرنگ ذريعي موڪلي پئي وئي، ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ضيا اسلام ٻڌايو ته ڊي جي آءِ ايف اي کي اطلاع مليو ته شپنگ ڪمپنين جي جعلي ۽ ڪوڙن ڪاغذن تي اڪائونٽس کوليا ويا آهن انهن اڪائونٽن مان ڳري رقم ڊالر ۾ منتقل ڪري دبئي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن مني لانڊرنگ ذريعي موڪلي پئي وڃي ۽ ان ڪم ۾ مختلف بينڪن جا آفيسر ملوث آهن، ايف آءِ اي جي ٽيم مختلف بيڪن تي ڇاپا هڻي، آصف رحمان، بوءِ علي، فرحت علي، عزيز احمد ۽ خالد نالي 5 ڄڻڻ کي گرفتار ڪري انهن وٽان 70 کان وڌيڪ بنا نالي اڪائونٽن جو رڪارڊ ۽ شپنگ ڪمپنين جا ڪوڙا ڪاغذ هٿ ڪري ورتا ۽ انڪشاف ٿيو ته ٻين بينڪن جا آفيسر به ان غير قانوني ڌنڍي ۾ ملوث آهن، ضيا اسلام موجب هن ڪم لاءِ شپنگ ڪمپنين جي اصل ڪاغذن جي رنگين فوٽو ڪاپي استعمال ٿيندي رهي آهي ۽ ڪجهه اهڙِيشن شپنگ ڪمپنين جي نالي تي اڪائونٽ کوليا ويا جن جو وجود نه آهي ۽ گذريل ڪيترن سالن کان هن وقت تائين انهن بنا نالي اڪائونٽن مان 15 کان 20 ارب رپين ڊالر ۾ تبديل ڪري مني لانڊرنگ ڪئي وئي، بنا نالي اڪائونٽس ۾ رقم ڪراچي ۽ اسلام آباد مان به گڏ ٿيندي رهي ۽ مني لانڊرنگ ۾ مني چينجز جا سهولتڪار ملوث آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *