فوج دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي،هاڻ دهشتگرد هار مڃڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ۽ دهشتگرد هاڻ هار مڃڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن، اسلام آباد ۾ ڪيڊٽس جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته دهشتگردي ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو آهي پر آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن هلندو رهندو، هن چيو ته پاڪ فو

ج هن وقت آپريشن ضرب عضب ۾ رڌل آهي ۽ فوج جي پيشيور صلاحيتن سبب ان آپريشن ۾ وڏيون ڪاميابيون ملي رهيون آهن، سندس چوڻ هو ته ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان بدعنواني پهچايو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پڇاڻي ۽ حساب ڪتاب واري نظام کي مضبوط ڪيو ويو آهي، صدر ممنون حسين چيو ته سڄي قوم دهشتگردي خلاف هڪ آواز آهي ۽ آپريسن ضرب عضب جي حمايت ڪري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *