زميني حقيقتن موجب دهشتگرديءَ خلاف جنگ کٽي رهيا آهن: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سرڪار هٿيارن جي لائسنس تان پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهيوفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته زميني حقيقتن موجب هو دهشتگرديءَ خلاف جنگ کٽي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگرد منظم ۽ تربيت يافتا آهن، سيڪيورٽي گارڊ بيهارڻ سان حفاظت نه ٿي ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته ميڊيا هائوسز لاءِ جديد هٿيارن تي پابندي ۾ نرمي ڪئي ويندي. وفاقي گهرو وزير چيو ته اسلام آباد ۾ رجسٽرڊ گاڏين ۾ سيڪيورٽي لاءِ ڊجيٽل چپس لڳايون وينديون. هن چيو ته گاڏين ۾ ڊجيٽل چپون لڳائڻ سان چيڪ پوسٽن تي جلد سڪيورٽي ڪليئرنس ۾ مدد ملندي. سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي خدشن بابت افواهه خوف لاءِ پکيڙيا پيا وڃن، دهشتگرد رڳو افواهه ئي پکيڙڻ چاهين ٿا. چوڌري نثار علي جو چوڻ هو ته تعليمي ادارن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو، هو سيڪيورٽي بابت ضروري ڄاڻ ميڊيا سان شيئر ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *