فوجي عدالت ۾ 12 دهشتگردن کي موت جي سزا،جنرل راحيل شريف منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف، فوجي عدالتن پاران موت جي سزا ٻڌايل 12 خطرناڪ دهشتگردن جي ڊيٿ وارنٽس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ بنون جيل تي حملن سميت  دهشتگردي جي ٻين سينگين وارداتن ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف 12 خطرناڪ دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏيندي ڊيٿ وارنٽس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، دهشتگردن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايو ويا ۽ فوجي عدالتن کين موت جي سزا ٻڌائي. آءِ ايس پي آر موجب جن دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي، انهن ۾ محمد عربي، رفيع الله، قاري آصف محمود، شوالي، محمد ذيشان، ناصر خان، شوڪت علي، امداد الله، محمد عمر، صابر شاهه، انور علي ۽ خاندان نالي دهشتگرد شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد محمد عربي تحريڪ طالبان پاڪستان جو فعال ميمبر هو، جيڪو بنون جيل تي حملي ۾ ملوث هو، بنون جيل تي حملي ۾ ڪيترائي دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي هئا، جڏهن ته حملي ۾ ڪيترائي پوليس ۽  سڪيورٽي فورسز جا جوان به زخمي ٿيا هئا. آءِ ايس آر  موجب دهشتگرد عربي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ به ملوث آهي، حملن ۾ ڪيترائي سڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ زخمي ٿيا هئا، جوابدار مئسجٽريٽ آڏو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي، کيس ٽن الزامن هيٺ موت جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب، دهشتگرد رفيع الله ۽ قاري آصف محمود بندش پيل تنظيم سپاهه صحابه جا فعال ميمبر هئا، ٻئي دهشتگرد لاهور ۾ سيد وقار شاهه نالي شخص جي قتل ۾ ملوث آهن، دهشتگرد رفيع الله کي ٻن ۽ قاري آصف محمود کي چئن الزامن هيٺ فوجي عدالت پاران موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جنهن جي ڊيٿ وارنٽس تي به آرمي چيف صحيح ڪئي آهي. پڌرائي موجب، دهشتگرد شوالي تحريڪ طالبان پاڪستان جو فعال ميمبر هو، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ ملوث هو، دهشتگرد شوالي کي ٽرائل ڪورٽ پاران ٽن الزامن هيٺ موت جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته القاعده سان واسطو رکندڙ ٻن دهشتگردن محمد ذيشان ۽ ناصر خان کي به موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، اِهي دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگرد شوڪت علي جي ڊيٿ وارنٽس تي به آرمي چيف پاران صحيح ڪئي وئي آهي ، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هو، جنهن کي فوجي عدالت پاران 5 الزامن هيٺ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد امداد الله بونير ۾ هڪ تعليمي اداري کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، بندش پيل تنظيم  سان واسطو رکندڙ دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي به حملن ۾ ملوث آهي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف پاران دهشتگرد محمد عمر، صابر شاهه، خاندان ۽ انور علي جي ڊيٿ وارنٽس تي به صحيح ڪئي وئي آهي ، جن کي فوجي عدالت پاران سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *