فوجي عدالتن پاران ڏنل سزائون  معطل، حڪومت صبر ڇو نه ٿي ڪري؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن طرفان ڏنل موت جي سزا تي عمل روڪي ڇڏيو، فوجي عدالتن طرفان شدت پسندي جي 7 جوابدارن کي ڏنل سزا خلاف منع نامو جاري ڪيو ويو، عدالت چيو آهي ته فوجي عدالتن جي آئيني حيثيت چئيلنج ٿيل آهي حڪومت فيصلي جو انتظار ڇو نه ٿي ڪري، اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته موت جي سزا تي عمل روڪڻ آئين تي اسٽي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ 17 رڪني بئنچ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ، 18 هين ۽ 21 هين ترميمن خلاف داخل 14 درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذارن جا وڪيل، اٽارني جنرل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. اٽارني جنرل فوجي عدالتن ۽ آئيني ترميمن جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته فوجي عدالتون حڪمت عملي تحت سزائون ڏئي رهيون آهن، انهن خلاف فيصلو آئين تي اسٽي هوندو. جسٽس آصف سعيد کوسه رمارڪس ڏيندي چيو ته شيخ لياقت ڪيس ۾ عدالت فوجي عدالتن خلاف فيصلو ڏئي چڪي آهي، جسٽس جواد چيو ته رياست جو ڪهڙو مفاد آهي جو موت جي سزا به ڏني وڃي ۽ اها به هڪ مهيني کانپوءِ ڏني وڃي، فيصلي جو انتظار ڇو نه پيو ڪيو وڃي. جسٽس جواد وڌيڪ چيو ته ڪيس ٻڌڻ ڏنو وڃي هو هفتي يا مهيني ۾ ڪنهن نتيجي تي پهچي ويندا، فوجي عدالتن خلاف آئيني درخواست داخل آهي، آئين جي آرٽيڪل 9 تي ڳالهائڻو آهي، موت جي سزا معمولي سزا ناهي. اٽارني جنرل چيو ته آئيني ترميمن تي فيصلي تائين فوجي عدالتن جي آئيني حيثيت برقرار آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فوجي عدالتن طرفان ڏوهارين کي ڏنل موت جي سزا تي عمل روڪي ڇڏيو، فوجي عدالتن 6 ڏوهارين کي موت جي سزا ۽ هڪ کي عمر قيد جي سزا ڏني هئي.. ٻڌڻي دوران هڪ جج جسٽس اعجاز جي گهرواري کي دل جو دورو پئجي ويو جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي……

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *