اقتصادي رستي جي حوالي سان عوام کي ڀٽڪايو پيو وڃي: ممنون حسين

پشاور(م.ڊ) ملڪ جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته اقتصادي رستي جي معاملن تي غير ضروري ڳالهيون ڪري ماڻهن کي ڀٽڪايو پيو وڃي، عوام ان مسئلي جي وچ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي رد ڪري ڇڏي.صدر ممنون حسين سرحد يونيورسٽي آف سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي 11 ڪنوينشن سان خطاب ڪندي چيو ته  پرائمري تعليم ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اهو شعبو عورتن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن اهي هڪ بهتر نسل تيار ڪري سگهن. عورتن جي شخصي سگهه شامل ٿيڻ سان پاڪستان کي علائقي ۾ غير معمولي اهميت ملندي.صدر ممنون حسين چيو ته  بجلي جي پيداوار جا 15 منصوبا تعمير هيٺ آهن. ان موقعي تي نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ وارن شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون پڻ ورهايون ويون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *