سياسي ۽ عسڪري قيادت يمن بحران جو حل سلامتي ڪونسل جي قراداد موجب ڪڍڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي معاملن جي وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي چيئرمين جنرل راشد محمود، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، پاڪ هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان، پاڪستان نيوي جي سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله ، وزيراعظم جي پرڏيهي امور جي خاص مددگار طارق فاطمي سميت ٻين اعليٰ حڪام شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي سلامتي جي معاملن ۽ يمن جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ سرتاج عزيز پنهنجي هنگامي سعودي عرب دوري جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سعودي پرڏيهي وزير سعود الفيصل ۽ گهرو وزير محمد بن نائف سميت ٻين اعليٰ حڪام سان ٿيل ملاقاتن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. اجلاس ۾ سعودي عرب طرفان فوج موڪلڻ جي درخواست جو جائزو ورتو ويو. هوڏانهن اجلاس کان پهريان آرمي چيف جي وزيراعظم سان الڳ ملاقات ٿي، اها 4 2  ڪلاڪن ۾ وزيراعظم سان آرمي چيف جي ٻي ملاقات هئي جنهن ۾ يمن جي صورتحال ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي ويچاريو ويو. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس جي پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت سعودي عرب جي سان گڏ بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، اجلاس ۾ يمن بحران جي پرامن حل لاءِ حڪومتي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران ڌرين کي يمن بحران جي حل لاءِ سلامتي ڪونسل جي قراداد موجب ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ تي زور ڏنو ويو آهي. پڌرنامي موجب پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته دوري جو مقصد سعودي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار هو، پاڪستاني عوام هميشه حرمين شريف جي تحفظ لاءِ اڳتي هوندي جڏهن ته سعودي قيادت کي به يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان حرمين شرييفين جي تحفظ لاءِ تيار آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته سعودي حڪومت اُن جي سالميت جي خطري جي صورت ۾ دفاع ڪرڻ لاءِ وزيراعظم نوازشريف جي بيان جي آجيان ڪئي آهي جڏهن ته پڌرنامي موجب شهباز شريف دوري ۾ سعودي عرب جي سلامتي ۽ علاقائي خودمختياري جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *