فوجي عدالتن جي مخالفت ڪندڙ ٻڌائين ته قوم سان گڏ آهن يا طالبان سان: خواجه سعد رفيق

لاهور(م.ڊ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق جو چوڻ آهي هت ملڪ هن وقت جنگ واري حالت ۾ آهي فوجي عدالتن خلاف ڳالهائيندڙ ٻڌائين ته هو قوم سان گڏ آهن يا طالبان سان، ريلوي وزير وزير خواجه سعد رفيق لاهور ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي 10 نين پاور وينز جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وج چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي تنظيمن فوجي عدالتن کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو هاڻ ان خلاف ڳالهائيندڙ منافقت کان ڪم وٺي رهيا آهن خواجه سعد جو چوڻ هو ته ريلوي جا مالي معاملا ڪافي حد  تائين حل ٿي ويا آهن هاڻ نجيڪاري جي ضرورت ناهي ڪابه ٽرين بند نه پئي ڪئي وڃي پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ هٿي ڏني ويند،ي هن چيو ته کاتي مان ڪنهن به مزدور کي نه پيو ڪڍيو وڃي، ڪرپشڻ ۾ ملوث اهلڪارن کي نه بخشيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *