شڪارپور سانحو: وزير اعظم جي نه اچڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن، امام بارگاهه سانحي باوجود وزيراعظم طرفان شڪارپور جو دورو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو،خورشيد شاهه چيو آهي ته پشاور سانحو ٿيو ته سڀ اتي پهچي ويا،نواز شريف سنڌين جي ڏک ۾ شريڪ نه ٿي ٻٽي معيار جو مظاهرو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي درخواست تي معمول جي ڪارروائي معطل ڪندي شڪارپور سانحي تي بحث ڪرايو ويو. بحث شروع ٿيڻ کان اڳ شڪارپور سانحي جي شهيدن جي روحن جي ثواب لاءِ دعا گهرائي وئي. بحث ۾ حصو وٺندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نواز شريف ڪراچي ۾ هئڻ باوجود شڪارپور سانحي جي شهيدن سان ڏک ونڊن نه آيو. هن چيو ته پشاور سانحو ٿيو ته سڀ اتي پهچي ويا، پر شڪارپور ۾ 61 ماڻهو شهيد ٿيڻ باوجود وفاق جو به نمائندو شڪارپور نه آيو. خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نواز شريف سنڌين کي پنهنجو نه ٿو سمجهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي ايوان ۾ پهچي صورتحال بابت ڳالهائڻ گهرجي ها. ان موقعي تي خطاب ڪندي فنڪشنل ليگ ميمبر غوث بخش مهر چيو ته ڇا سنڌ پاڪستان جو حصو نه آهي؟. هن چيو ته وزيراعظم کي سنڌ کي به پاڪستان جو حصو سمجهي، نواز شريف ڪراچي ۾ هوندي به شڪارپور نه آيو، جنهن جو کين تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *