ايمرجنسي لڳائڻ مسئلي جو حل ناهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪيون پيون وڃن: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)   سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ پوري قوم دهشتگردن ۽ انتهاپسندي خلاف متحد آهي ۽ امن امان جي بحالي جا سمورا ادارا انهن خلاف ڪوششن ۾ مصروف آهن. ايمرجنسي ڪنهن شيءِ جو علاج ناهي. سنڌ ۾ ايمرجنسي جو مطالبو ڪا عقلمندي نه آهي. شڪارپور سانحي کان پوءِ ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي عدم دستيابي جي الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي. پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ پچ تي متحد آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شڪارپور سانحو هڪ قومي سانحو آهي. هن وقت پورو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ دهشتگردن کي جتي موقعو ملي ٿو هو اتي دهشتگردي ڪري رهيا آهن. چاهي اها مسجد هجي يا امام بارگاهه، تعليمي ادارا هجن، مارڪيٽ هجي يا بازار هجي، امن امان جي بحالي جا ادارا هجن، عوام يا سياستدانن کي اهي نشانو بڻائي رهيا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي ان لاءِ فوجي عدالتون ٺاهيون ويون آهن، جنهن لاءِ سمورين سياسي جماعتن ۽ امن امان جي بحالي جا ادارا هڪ نڪتي تي گڏ آهن ته انهن دهشتگردن جو خاتمو ڪيو وڃي. هن چيو ته شڪارپور سانحو ان جو ردعمل آهي ۽ ان جي حتمي رپورٽ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ آئي جي سنڌ کان وزيراعليٰ سنڌ طلب ڪئي آهي. جنهن سان معاملو سامهون اچي ويندو. هن چيو ته حالتن ۽ واقعن کي ڏسندي ئي سنڌ حڪومت فورسز جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان فورسز کي جديد هٿيار ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن چيو ته موجوده حالتون جيڪي آئيڊيل ناهن انهن کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پهريان پنج وقت جي نماز دوران فورسز مسجدن ۽ امام بارگاهن جي سڪيورٽي ۾ مصروف هئي، پر هاڻ تعليمي ادارا به نشانو بڻجي رهيا آهن ۽ هاڻ انهن تي سڪيورٽي فورسز مقرر ڪئي وئي آهي ۽ اهو هڪ مشڪل ٽارگيٽ آهي. هن چيو ته هاڻ اسان کي پنهنجي سڪيورٽي فروسز جا هٿ مضبوط ڪرڻا پوندا. ايم ڪيو ايم پاران صوبي ۾ ايمرجنسي لڳائڻ واري مطالبي جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايمرجنسي ڪنهن شيءِ جو علاج نه آهي. اسان جي پوليس، رينجرز ۽ فوج هڪ پچ تي متحد آهن ۽ جتي ضرورت پوي ٿي اتي اها فورسز گڏجي انهن دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهي آهي. شڪارپور سانحي کان پوءِ صحت جي سهولتن جي کوٽ تي مخالف جماعتن جي الزامن جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سانحي کان فوري پوءِ هن وزير صحت سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته سانحي جي فوري بعد سکر، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سول اسپتال ۾ فوري طور تي 17 ڊاڪٽرن ۽ سرجن تائين اتي موجود هئا. جڏهن ته امام بارگاهه ۾ جنهن جاءِ تي اهو سانحو پيش ٿيو انتهائي تنگ جاءِ هئي، جنهن سبب شهادتون وڌيڪ ٿيون. سانحي جي جاچ جي سوال تي هن چيو ته جلد ئي ٻين ڪيسن جيان ان سانحي جي جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن ۽ ان جي پشت پناهي ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. سنڌ حڪومت پاران اڃان تائين فوجي عدالتن ۾ ڪنهن قسم جو ڪيس نه موڪلڻ واري سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ايپيڪس جو ٻيو اجلاس اڄ ٿيڻو آهي ۽ ان ۾ سمورن ڪيسن جو جائزو ورتو ويندو، پر ڪيس عدالتن ۾ صوبا نه بلڪ وفاق موڪليندو. ارباب غلام رحيم جي اپوزيشن ليڊر ٿيڻ لاءِ شروع ڪيل ڀڄ ڊڪ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو معاملو اپوزيشن جو آهي ۽ جيڪو به اپوزيشن ليڊر ٿيندو اسان ان جو احترام ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *