اڄوڪي فيصلي مان اها ئي اميد هئي، ان سان اسان تي ڪو به فرق نه پوندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پارٽي صدارت تان نااهلي وارو فيصلو اچڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اڄوڪي فيصلي مان اها ئي اميد هئي، ان فيصلي سان اسان تي ڪو به فرق نه پوندو. هن چيو ته ان فيصلا سان نواز شريف جي هڪ ئي شخص کي ٽارگيٽ ڪرڻ واري  نظريي کي تقويت ملي، اسان جي حڪمت عملي هڪ ئي آهي، ن ليگ جو جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو نواز شريف ڪندو. اهو ئي اسان جو پراڻو ۽ نئون فيصلو آهي جڏهن ته سينيٽ چونڊن سڀني لاءِ ضروري آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *