فلم ”پدماوتي“ ڏسڻ کان پهرين ان تي بحث ڪرڻ اجايو آهي: شاهد ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور فلم ”پدماوتي“ بابت تڪرار کي هڪ پاسي رکندي چيو آهي ته مداح فلم ”پدماوتي“ کي ڏسڻ کانپوءِ ئي ان جي سٺي يا خراب هئڻ جو فيصلو ڪن. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب شاهد ڪپور جو پنهنجي نئين فلم ”پدماوتي“ بابت چوڻ آهي ته ان کي ڏسي هر ڀارتيءَ کي فخر محسوس ٿيندو. هن مداحن تي زور ڏيندي چيو ته فلم کي ڏسڻ کان پوءِ ئي ان جي سٺي يا خراب هئڻ جو فيصلو ڪن. فلم جي ڪاسٽ ۾ دپيڪا پڊوڪون، شاهد ڪپور ۽ رنوير سنگهه شامل آهن. فلم جو هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي آهي. فلم هلندڙ سال پهرين ڊسمبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *