مفتي عبدالقوي طرفان ڪيس واپس وٺڻ تي ڪروڙن جي آڇ آهي: قنديل جا والدين

ملتان (شوبز نيوز) قتل ڪيل ماڊل قنديل بلوچ جي والدين مفتي عبدالقوي کي اصل ۽ مک ملزم قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مفتي عبدالقوي طرفان ڪروڙين رپين جي آڇ ڪئي وئي آهي پر اهي ڌيءَ جو خون پئسي جي لالچ ۾ اچي وڪرو نه ڪندا. هڪ رپورٽ مطابق قنديل جي والدين چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان ڪيس تي نظر رکي ته جيئن مرڪزي ملزم عبدالقوي کي سزا ملي سگهي. قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ عدالت خميس تي مفتي عبدالقوي کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *