شريف خاندان کي رعايت ڏيڻ ملڪ سان غداري هوندي: طاهر القادري

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته نواز شريف کي رعايت ڏيڻ جو مطلب، آئين ۽ عدليه جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪ توڙي قانون سان غداري هوندي. پارٽي جي سينٽرل ڪور ڪميٽيءَ جي ميمبرن سان فون تي ڳالهائيندي طاهر القادري چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ٻئي ڦورو آهن، معاشي دهشتگرد جي جاءِ تي قاتل اعليٰ کي آندو ويو ته بحران طوفان ۾ تبديل ٿي ويندو. هن چيو ته ادارا ڳري، سڙيل ۽ ڪرپشن سٽيل نظام بدران پاڪستان کي بچائڻ جي ڳڻتي ڪن، سپريم ڪورٽ طرفان ڪوڙو ثابت ٿيل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ سموري ن ليگ قوم کي اهو پيغام ڏنو آهي ته هو ڪوڙ، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جا حامي آهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف عادي ڀاڄوڪڙ آهي، هو پنهنجو سامان پرڏيهه منتقل ڪري چڪا آهن، سندن ملڪ ۾ اقتدار کانسواءِ ڪجهه ناهي. طاهر القادري چيو ته نواز شريف معاشِ دهشتگرد ثابت ٿي چڪو آهي، قاتل اعليٰ جا ڪرتوت جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ ۾ آهن، هو  رپورٽ پڌري ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *