فلم جراسڪ ورلڊ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ٻن ڏينهن ۾ 50 ڪروڙ ڊالر جي ڪمائي

لاس اينجلس(شوبز نيوز)جراسڪ پارڪ جي سيريز جي چوٿين فلم جراسڪ ورلڊ نمائش جي شروعاتي ٻن ڏينهن ۾ 50 ڪروڙ ڊالر جو ڪاروبار ڪندڙ پهرين فلم ٿي وئي.هيءَ فلم جمعي تي دنيا جي 66 ملڪن ۾ ريليز ڪئي وئي هئي ۽ سڀني ملڪن ۾ هفتي جي مشهور فلم بنجي وئي آهي. ايگزبيٽر ريليشنز نالي ڪمپني مطابق فلم جي شروعاتي ٻن ڏينهن اندر آمريڪا ۾ 20 ڪروڙ 46 لک ڊالر جو ڪاروبار ڪيو آهي، جڏهن ته چائنا ۾ 10 ڪروڙ ۽ برطانيا  ۽ آئرلينڊ ۾ 51 ڪروڙ 8 لک ڊالر جي ڪمائي ڪئي آهي. پوري دنيا مان 50 ڪروڙ کان مٿي ڪمائيندڙ هي فلم آمريڪا ۾ پهرين ٽن ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي جو رڪارڊ ٽوڙي نه سگهي آهي.  اهو ريڪارڊ دي ايونجرز 2012 ۾ 20 ڪروڙ 74 لک ڊالر ڪمائي ڪري حاصل ڪيو هو. جراسڪ ورلڊ جو پروڊيوسر هالي ووڊ جو مشهور هدايتڪار ۽ فلم ساز سٽيون سپيل برگ آهي جڏهن ته هدايتڪار ڪولن ٽريوورو ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *