عامر خان جي فلم ”ٿري ايڊيئٽس“ جو هاڻي ٻيون حصو ٺاهڻ جي منصوبا بندي

ممبئي (شوبز نيوز) عامر خان جي دنيائي ليول تي مشهور فلم ”ٿري ايڊيئٽس“ جو هاڻي ٻيون حصو ٺاهڻ جي منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي. ”ٿري ايڊيئٽس“ ۾ ٽِن دوستن جي شرارتن جو خزانو ڀريل هو، ڀارت ئي نه پر سڄي دنيا ۾ فلم رڪارڊ ٽوڙ ناڻو ڪمائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. جڏهن ته دنيا کي به خبر پئجي وئي ته فلم زبردست آهي. ”پي ڪي“ جي سنڌي ڊائريڪٽر راج ڪمار هيراڻيءَ مسٽر پرفيڪشنسٽ جي ان فلم جو به هاڻي سيڪوئل ٺاهڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، امڪان آهن ته ٻئين حصي ۾ به عامر خان کي ڪاسٽ ڪيو وڃي ۽ ظاهري ڳالهه آهي عامر خان ڪنهن به صورت ۾ ڀارت ۾ ٿورڙي وقت ۾ مشهورين جي مٿانهين تي پهچندڙ فلمساز راج ڪمار هيراڻيءَ کي انڪار نه ڪري سگھندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *