پاڪستاني ٽيم سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ گال ۾ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي

گال(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سريلنڪا  جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز جي پهرين ٽيسٽ  اربع ڏينهن گال انٽر نيشل اسٽي يم  ۾ شروع ٿيندي، ميچ پاڪستاني وقت موجب صبح جو ساڍي 9 وڳي شروع ٿيند ي، قومي ڪرڪيٽ ٽيم مصباح الحق جي قيادت ۾ ميد ان ۾ لهندي، جڏهن ته اسڪواڊ جي ٻين راند يگرن ۾ يونس خان، اظهر علي، احمد شهزاد، اسد شفيق، احسان عادل،  حارث سهيل، عمران خان، جينيد خان، محمد حفيظ، سرفراز احمد، شان مسعود، وهاب  رياض، ياسر  شاهه ۽ ذوالفقار بابر شا مل آهن. پاڪستان ٽيم پهريون ٽيسٽ جي تياري لاءِ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪولمبو ۾ بنا نتيجي ختم ٿيل  وارم اپ ميچ کانپوءِ مهمان رانديگرن گال ۾ خيما کوڙي ڇڏيا آهن، سيريز جي پهرين مقابلي کان  پهرين ٻنهي ٽيمن وٽ پريڪٽس لاءِ  ٻه ڏينهن آهن،  قومي ٽيم  هيڊ ڪوچ وقار يونس جي رهنمائي ۾ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊ نگ ۾ پنهنجون خاميون درست ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *