فلمن ۾ واپس اچڻ جو ارادو ناهي، ٻارڙا پهرين ترجيح آهن: ڪرشما ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪرشما ڪپور جو چوڻ آهي ته سندس ٻارڙا پهرين ترجيح آهن جڏهن ته فلمن ۾ واپس اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي. سندس چو ڻ آهي ته هن فلم نگري ۾ واپس اچڻ جو اڃا تائين ڪو به ارادو نه ڪيو آهي سندس ٻارڙا اڃا ننڍا آهن ۽ اهي سندس پهرين ترجيح ۾ شامل آهن. جڏهن بهتر لڳندو ته فلمن ۾ ضرور واپس اچي ڪم ڪنديس. ڪرشما ڪپور چيو ته هن فلم انڊسٽري ۾ تبديل ٿيندڙ رجحان کي ڀرسان سان ڏٺو آهي کيس انهن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جا به ڪيترائي موقعا مليا آهن جيڪي بلڪل عورتن تي ٻڌل ڪردار هوندا آهن. جهڙو اڄ ڪلهه اداڪارائون ڪري رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *