شو سينا جي ڪارڪنن جو ممبئي ۾ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيس جو گهيراءُ ، پاڪ -ڀارت اختيارين وچ ۾ رٿيل ملاقات ملتوي

ممبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) هندو انتهاپسند تنظيم شو سينا جي ڪارڪنن ممبئي ۾ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيس جو گهيراءُ ڪري ورتو،جنهن بعد سيريز لاءِ پاڪ، ڀارت اختيارين وچ ۾ رٿيل ملاقات ملتوي ڪئي وئي،جڏهن ته آءِ سي سي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب هندو انتهاپسند تنظيم شوِ سينا جي ڪارڪنن،ممبئي ۾ بي سي سي آءِ جي آفيس تي حملو ڪري ڏنو. هندو انتهاپسندن، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين سان ملاقات رد ڪرڻ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر ششانڪ منوهر کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ مطالبو ڪيو ته پي سي بي چيئرمين شهريار خان کي پاڪستان واپس موڪليو وڃي. شهريار خان ۽ ششانڪ منوهر جي ملاقات ۾ پاڪ ڀارت سيريز تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻي هئي، پر انتهاپسندن جي حملي سبب ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ اختيارين اڄوڪي ملاقات ملتوي ڪري ڇڏي. پي سي بي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته هـُو ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي دعوت تي آيو،ملاقات دوران ڊسمبر ۾ رٿيل پاڪ، ڀارت سيريز تي غور ويچاريو وڃي ها. ٻئي طرف آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيس تي حملي جي مذمت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آءِ سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ رچرڊسن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ کيڏندڙ ملڪن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *