ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ مطابق ان جي هن وقت تائين سڀ کان خراب فلم چڪ دي انڊيا هئي. شاهه رخ خان اهڙو انڪشاف ايدن برگ يونيورسٽي ۾ هڪ تقرير ۾ ڪيو. هن جو چوڻ هو ته هن فلم جي پويان ڪافي وڏا وڏا نالا هئي ۽ نين ڇوڪرين سان گڏ فلم ٺاهڻ جو خيال عجيب هيو جڏهن ته فلم جي پهرئين اسڪرين دوران کيس پروڊيوسر ۽ هدايتڪار کي اندازو ٿيو ته جيئن هي فلم فلاپ ثابت ٿيندي شاهه رخ مطابق سمورين ڇوڪرين فلم جي اسڪرين دوران خوشي وچان ڪافي شور ڪيو جنهن جو سبب انهن جوفلم ۾ پاڻ کي اسڪرين تي پهريون ڀيرو ڏسڻ هيو. شاهه رخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلم فلاپ ٿيڻ جي خوف سبب انڊيا مان روانو ٿي ويس ۽ پنهنجو فون به بند ڪري ڇڏيو هو.