فلسطيني مسلمانن تي اسرائيلي ظلمن جو مثال نٿو ملي، ڀارت پلواما واقعي تي عالمي اڪيلائي کي منهن ڏئي رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فلسطيني مسلمانن تي اسرائيلي ظلمن جو مثال نٿو ملي، ڀارت پلواما واقعي تي عالمي اڪيلائي کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا ورڪشاب جي تقريب ۾ خطاب فواد چوڌري چيو ته سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال وڌي رهيو آهي جڏهن ميڊيا ٽيڪنالوجي ۾ هائبرڊ وار فيئر جو دور آهي ۽ وار پروپيگنڊا بنيادي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي.  فلسطيني ظلمن تي ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته فلسطيني مسلمانن تي اسرائيلي ظلمن جو مثال نٿو ملي ۽ سموري دنيا ۾ اسرائيل واويلا ڪري رهيو آهي ته سندن امن کي خطرو آهي. هن چيو دهشتگردي خلاف اسان جو ڪيس مضبوط هو پر اهو بهتر نموني پيش نه ڪري سگهياسين. ڀارت ڪشميرين جي جدوجهد آزادي کي دهشتگردي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀارتي دهشتگردي بابت ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ڀارت کي پلواما واقعي تي عالمي اڪيلائي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اهو ثابت ٿيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پلواما واقعي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو.  هن چيو ته مودي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ ڪروڙين ماڻهن جي زندگي داءُ تي لڳائي پر دنيا جي اڳيان ڀارتي وزيراعظم جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو . وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي عالمي ميڊيا لاءِ پنهنجا دروزا کولڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته عالمي ميڊيا ۽ سياح پاڪستان جي خوبصورتي ڏسن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *