وفاقي حڪومت کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ ڪا به دلچسپي ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان نيوي جي اهلڪار عمران يوسف سميت 50 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ جي روبرو پاڪستان نيوي جي اهلڪار عمران يوسف سميت 50 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.  وفاقي حڪومت طرفان جواب جمع نه ڪرائڻ تي عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل پاڪستان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته مشاهدي ۾ آيو آهي ته وفاقي حڪومت گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي ڪا به دلچسپي ناهي، هر هر نوٽيس ڏيڻ باوجود اٽارني جنرل جي آفيس مان جواب جمع ناهي ڪرايو ويندو.  جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت کي عوام جي پرواهه ناهي، لڳي ٿو پوليس کي به شهري بازياب ڪرائڻ ۾ ڪا دلچسپي ناهي.  پاڪ سامونڊي فوج پنهنجي گم ٿيل سپاهي جي جاچ رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته عمران يوسف جي گمشدگي ۾ پاڪستان نيوي جا آفيسر ملوث ناهن.  اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته پاسبان جي جنرل سيڪريٽري عثمان معظم جي پٽ سعد صديقي کي ڪنهن حراستي مرڪز ۾ رکيو ويو آهي، پر گهرو وزارت جي جنهن آفيسر اهو ڳالهه ٻڌائي ان جو نالو نٿو ڄاڻان. جاچ آفيسر بيان ڏنو ته سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن کي خط لکيا آهن جڏهن ته اڃان تائين ڪو به جواب ناهي مليو. جسٽس نعمت الله ڦلپٽو چيو ته 2014ع کان شهري گم آهن پر پوليس کي ڳڻتي ئي ناهي.  عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي طلب ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري معاملي تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کان 24 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *