پاڪستاني معيشت مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي ترقي ضروري آهي: عالمي بئينڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورلڊ بينڪ جي پاڪستان ڪنٽري ڊائريڪٽر پيـشا موٺو لينگوان چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪراچي جي ترقي اڻ ٽر آهي پر پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 7 کان 8 سيڪڙو هر سال جي سطح تي آڻڻ لاءِ ڪراچي جي معيشت کي 10 سيڪڙو وڌيڪ رفتار سان ترقي ڪرڻي پوندي. ڪراچي ۾ ٿنڪ ٽينڪ C100 جي سيمينار ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ورلڊ بئينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ ڪراچي کي بنيادي اهميت حاصل آهي پر ڪراچي جهڙي آبادي وارن شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جي انفراسٽڪچر جو معيار ڪافي پوئتي آهي جنهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ورلڊ بئينڪ سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي، ورلڊ بئينڪ ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي بهتري، ٽرانسپورٽ،پاڻي جي فراهمي ۽ ميونسيپل ڪارپوريشن جي صلاحيت بهتر بڻائڻ لاءِ قرض فراهم ڪندي. پيشا موٺو الينگوان چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي گرين لائن بس منصوبي لاءِ بسن جي خريداري ۾ ورلڊ بئينڪ کان سهڪار جي درخواست ڪئي آهي ورلڊ بئينڪ مارڪيٽ کان بهتر ڪمرشل ڊيل جي بنياد تي بسن جي خريداري ۾ سهڪار ڪندي. هن ٻڌايو ته ورلڊ بئينڪ سنڌ حڪومت جي ريپڊ ٽرانزٽ منصوبو يلولائن جي انفراسٽرڪچر ۽ بسن لاءِ  به قرض فراهم ڪندي، گرين لائن ۽ يلو لائن ٻنهي منصوبن لاءِ ورلڊ بئينڪ 40 ڪروڙ ڊالرن جو قرض فراهم ڪندي. ورلڊ بئينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ترقي لاءِ به ٻيا عالمي مالياتي ادارن ۽ خانگي سيڙپڪارن سان گڏجي ورلڊ بئينڪ قرض فراهم ڪندي، واٽر بورڊ جي نظام جي بهتري لاءِ 12 سالن واري منصوبي تي هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويندا. ان منصوبي تحت واٽر اينڊ سيوريج بورڊ لاءِ اسٽوريج جون سهولتون به تعمير ڪيون وينديون ان منصوبي جي پهرين فيز ۾ ورلڊ بئينڪ 10 ڪروڙ ڊالرن جو قرض فراهم ڪندي، منصوبي ۾ ايشيا جي ترقياتي بئينڪ، ايشيا انفراسٽڪچر انويسٽمنٽ بئينڪ ۽ خانگي سيڙپڪاري به شامل آهي. ورلڊ بئينڪ ڪراچي ۾ نيبر هوڊ امپروومنٽ پراگرام تحت ڪراچي جي انفراسٽڪچر ۽ عوامي هنڌن کي بهتر بڻائڻ ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي سان سهڪار ڪري رهي آهي پر ڪراچي ۾ جاري حددخلين جي خاتمي واري مهم سان ڪو به واسطوناهي ان حوالي سان ورلڊ بئينڪ جي پاليسي واضح آهي ۽ ورلڊ بئينڪ کي حددخلين جي خاتمي سان ڳنڍڻ غلط تصور آهي، ورلڊ بئينڪ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ڊي ايم سيز جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ خاص ڪري مالياتي صلاحيتن جي بهتري لاءِ به سهڪار ڪري رهي آهي. ورلڊ بئينڪ جي لاڳت موجب ڪراچي ۾ انفراسٽڪچر جي بهتري ۽ ان کي دنيا جي وڏن شهرن جي برابر سهولتون سان ليس ڪرڻ لاءِ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي جنهن ۾ ورلڊ بئينڪ 70 کان 80 ڪروڙ ڊالرن جي فنانسنگ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *