فرينڊلي اپوزيشن هجڻ جو طعنو ڏنو پيو وڃي پر اسان کي جمهوريت پياري آهي: خورشيد شاهه

لاڙڪاڻو (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اڄ اسان کي فرينڊلي اپوزيشن هجڻ جو طعنو ڏنو پيو وڃي پر اسان کي جمهوريت پياري آهي،جڏهن ته ملڪ ۾ وڏي عرصي تائين ڊڪٽيٽرشپ رهي ته اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون رهنديون.ذريعن مطابق ناليواري صحافي سهيل وڙائچ جي ڪتاب “قاتل ڪون”جي سنڌي ترجمي واري مهورت جي تقريب  ۾ خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته محترما بينظير ڀٽو ڪڏهن به جمهوريت جو ساٿ نه ڇڏيو،سندس جمهوريت لاءِ ڏنل قرباني عوام لاءِ وڏو نياپو آهي.خورشيد شاهه چيو ته حڪمرانن کي حاڪميت بچائڻ جو سوچيندو آهي،جڏهن ته اڳواڻ قوم ۽ مستقبل لاءِ سوچيندوآهي،انهن مان ئي اسان کي ڳولڻو آهي ته بينظير جا قتل ڪير آهن؟سندس چوڻ هو ته سهيل وڙائچ جو ڪتاب اهم دستاويز آهي،جنهن ۾ گهڻو ڪجهه موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *