پرڏيهي وزارت پاران نوازشريف جي سعودي عرب ۽ ايران وڃڻ جي تصديق

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزارت نوازشريف جي سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي وزارت ذريعن مطابق پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل هڪ پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم نوازشريف 18 جنوري ۽ 19جنوري تي ٻنهي ملڪن جو دورو ڪندو.پرڏيهي وزارت مطابق نوازشريف اڄ سعودي عرب ويندو، جڏهن ته اڱاري واري ڏينهن ايران پهچندو. وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هوندو،پو اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته وفد ۾ ڪير ڪير شامل هوندو. نوازشريف ٻنهي ملڪن جي قيادت سان عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪندو.پرڏيهي وزارت جي پڌرنامي مطابق پاڪستان جي ايران ۽ سعودي عرب سان سٺا ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن،جڏهن ته  پاڪستان کي ٻنهي ملڪن ۾ تازي هلندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي،وزيراعظم ٻني ملڪن جي ڇڪتاڻ کي پرامن طريقي سان حل ڪرائڻ چاهي ٿو،اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آئي سي(آرگنائيزيشن آف اسلامڪ ڪوآپريشن) جي ميمبر ملڪن ۾ ڀائپي واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *